ڄام لوهار وارو قبرستان

ڄام لوهار وارو قبرستان: هيءُ قبرستان 16 صدي عيسويءَ کان 18 صدي عيسويءَ تائين جو آهي، جيڪو تؤنگ، تعلقي ٿاڻي بولاخان، ضلعي ڄامشوري ۾ آهي. ڄام لوهار وارو قبرستان تؤنگ کان ٻه ڪلوميٽر اورتي ڏکڻ اوڀر ۾، رائنڪن واري قبرستان سان لاڳيتو آهي. هن سان لاڳيتو ئي ڄام آريءَ جي قبرن وارو ميڙ آهي. ڄام آري، ڄام لوهار جو پيءُ هو. جيڪو مَلڪن جو وڏو سردار هو. سندس قبر جي سيرانديءَ واري پٿر تي ’لوهار علي نمردي‘ لکيل آهي. هن جي قبر قبرستان ۾ ٻين قبرن کان اوچي، گهاڙو واري آهي، جنهن تي چٽسالي ٿيل آهي ۽ ان جي مٿان مقبرو تازو ٺهيل آهي. قبر جي اوچائي 22 فوٽ آهي. مقبري کي لوهي در پيل آهي. قبر تي پڙ وجهي ان کي ڍڪيو ويو آهي. هتي زيارتي جهجهي تعداد ۾ اچن ٿا. هن درگاهه تي ڪن هنڌن تي زيارتين جي سهولت خاطر ڪافي ڪم ڪرايا ويا آهن.


لفظ ڄام لوهار وارو قبرستانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو